ٺڪراٺو: ٿاڻو مبارڪپور جي حد مان چورين جو آزار گهٽجي نه سگهيو رات برسات هلندي ۾ نامعلوم چور ڳوٺ جو ٽرانسفارمر لاهي ان مان قيمتي ڪوئلون ڪڍي فرار ٿي ويا

ٺڪراٺي ويجهو ڳوٺ اگر مهر مان نامعلوم چور هڪ ڀيرو ٻيهر بجلي جو ٽرانسفارمر لاهي ان مان قيمتي سامان ڪوئلون ۽ تيل ڪڍي ويا جنهن خلاف ڳوٺاڻن جو احتجاجي مظاهرو ٿيل چوري ٽرانسفارمر واپس ڪرائڻ جو مطالبو ٺڪراٺو ويجهو ڳوٺ اگر مهر مان نامعلوم چور بجلي جو ٽرانسفارمر لاهي قيمتي سامان ڪوئلون ۽ تيل ڪڍي ويا جنهن خلاف ڳوٺاڻن اگر مهر محمد بخش مهر جمعو مهر نذير برڙي ۽ ٻين احتجاجي مظاهرو ڪندي چيو ته گذريل رات نامعلوم چوراسان جي ڳوٺ اگر مهر جي بجلي جو ٽرانسفارمر لاهي ويا آھن جنهن جو اطلاع سيپڪو عملدارن توڙي لائن مينن کي ڏنو آهي پرهن مهل تائين سندس ڪو به تدارڪ ناهي ٿيوانهن چيوته هڪ ڀيرو اڳ به اسان جو ٽرانسفارمر نامعلوم چور لاهي ويا هئا پر اسان ڳوٺاڻن چندو ڪري ٽرانسفارمر ورتو هو هنن ايس ڊي او سکر اي سي سکر ايس ايس پي سکر ڊي آء جي سکر کان مطالبو ڪندي گهر ڪئي ته چوري ٿيل ٽرانسفارمر واپس ڪرائي ڏنو وڃي نه ته ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وسيع ڪنداسين