ڪنڌرا۽ ان جي ڀرپاسي واري علائقن ۾ وقفي وقفي سان ھلڪي ھلڪي برسات جو سلسلو جاري، ڪنڌرا ، روشن آباد، واه ٻرڙا ، اروڙ ، داڙواهڻ ، ابيلوء سميت ٻين علائقن ۾ ڪٿي هلڪي ۽ ڪٿي تيز برسات سبب گرمي جو زور ٽٽي ويو موسم خوشگوار ٿي ويئي برسات سبب ڳوٺن ۽ گهرن جي هيٺاهين علائقن ۾ پاڻي جمع ٿي ويو ۽ فصل ٻڏي ويا.
برسات سبب ڳوٺن ۾ آباد هارين جي جھوپڙين کي به نقصان پهتو برسات سبب گذريل 12 ڪلاڪن کان بجلي جي فراهمي معطل آهي