پيرڳوٺ ڀرسان مبينا زهريلو کير پيڻ سبب نينگر سميت 2 ڄڻا فوت، معصوم ٻارڙن سميت 6 ڄڻن جي حالت خراب. اسپتال منتقل. گهر ۾ ڪهرام متل. پيرڳوٺ ڀرسان ڳوٺ حيبت خان بروهي ۾ مبينا زهريلو کير پيڻ سبب هڪ ئي گهر جي اٺ ڀاتين جي حالت خراب ٿي وئي جن کي مقامي اسپتال پهچايو ويو جتي 30 ورهين جي غلام اصغر بروهي فوت ٿي ويو آهي جڏهن ته 10 ورهين جي نينگر دلدار پٽ گل بيگ اسپتال نيندي رستي دم ڏئي ڇڏيو آهي معصوم ٻارڙن سميت ڇهن ڄڻن جي پڻ حالت ڳڻتي جوڳي آهي جن کي اسپتال منتقل ڪيو پيو وڃي. جن ۾ منظوران خاتون، مريم خاتون، حاجاڻي ، نينگر دلبر بروهي سميت ڇهه ڄڻا شامل آهن ان سلسلي ۾ گهر ڌڻي گل بيگ بروهي رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته گهر ۾ پيل کير پيڻ سبب واقعو پيش آيو آهي