ڪجھ ڏينهن اڳ ڳوٺ واھ ٻرڙا حاجاڻي محلا ۾ ٻرڙا برادري جي ٻن ڌرين ۾ معمولي ڳالھ تان مزاق مزاق ۾ جھيڙو منظور احمد ٻرڙو کي مٿي جو لوھي سريو لڳڻ سبب سيريس حالت ۾ گمبٽ جي گمس ھاسپيٽل ۾ داخل هو جيڪو زخمن جا سور ن سهندي گمس گمبٽ ھاسپيٽل ۾ فوت ٿي ويو آھي جڏهن ت لاش گمس هاسپيٽل کان ڪنڌرا سول هاسپيٽل آندو ويو جتي لاش جو پوسٽ مارٽم ڪيو ويو ٻئي پاسي فوتي جي وارثن پاران ڪنڌرا پريس ڪلب اڳيان سخت احتجاج ڪري ڪنڌرا شھر اندر داخلي رستي کي بند ڪري ڇڏيو جڏهن ت ڪنڌرا پوليس پاران حملوڪندڙ جوابدارن تي ڪيس داخل ڪيوويو آھي ۽ هڪ جوابدار جي گرفتاري عمل ۾ آندي آھي