پ پ شهيد ڀٽو جو اڳواڻ ۽ پريالوء جي صدر الله ڏنو لوهر پريالوء جي ٽائون چيئرمين خلاف احتجاج ڪندي ميڊيا کي ٻڌايو آهي ته ٽائون ڪاميٽي

پريالوء جي چيئرمين هر مهيني ايندڙ وڏي بجيٽ هڙپ ڪري خيرپور ۽ ڪراچي م پنهنجا بنگل ٺهرائي پريالوء شهر جي ڀينگ ڪري ڇڏي آهي هن چيو ته ٽائون چئيرمين پريالوءِ شهر جي ترقياتي ڪمن لاءِ ايندڙ بجيٽ کي مال غنيمت سمجهي ٻنهي هٿن سان لٽي فري رهيو آهي جنھن پريالوء شهر کي گندگي ۽ ڪچهري جو ڍير بڻائي ڇڏيو آهي ھن وڌيڪ چيو ته سيد جمن شاهه 40 سالن کان چيئرمين شپ حاصل ڪرڻ لاء ڪوششون ڪري رهيو هو انتظار بعد هن کي ننڌڻڪي شهر پريالوء جي چئيرمين شپ ملي وئي جنهن کان پوءِ هاڻي هو پاڻ کي وزير اعلي ٿو سمجهي هن اختيارن جو ناجائز فائدو وٺي پنهنجا نوازيو پاليسي تي عمل ڪندي ڪيترن ئي وائيٽ ڪالر ماڻهو ڀرتي ڪيا آهن جن کي هر مهيني ٽائون جي بجيٽ مان لکين رپيا گهر ويٺي پگهار ڏني پئي وڃي هن چيو ته پريالوءِ جي شھرين کي پاڻيءَ لاءِ ڪروڙين رپين جي لاڳت سان ٽانڪي ٺهرائي ڏني وئي هئي جنهن کي به سيد جمن شاهه ڊهرائي ان مان لکين روپين جي.ماليت جو لوهه ۽ وڏا پائيپ ڪڍي وڪرو ڪري پئسا هڙپ ڪري ويو هن چيو ته اڳوڻي چيئرمين ارباب شريف الله ڌاريجو طرفان شهر جي مختلف محلن جي نالين مٿان لوهيون گرلون لڳايون ويون هيون ته جيئن رات جي وقت ٻارڙا ، پوڙها يا عورتون نالين ۾ ڪري نه پون پر هن ظالم چيئرمين سيد جمن شاه نالين مٿان لڳايل اوهي گرلون به پٽي لوهه وڪڻي پئسا کائي ويو آهي هن وڌيڪ چيو ته چيئرمين جمن شاهه پريالوء شهر جي پراڻي مڇي گوشت ۽ سبزي مارڪيٽ جي دوڪانن جون ڇتيون پٽرائي رات جي اونداهي ۾ لوھ ڪڍي ڪٻاڙ جي دوڪانن ته وڪرو ڪري پئسا هڙپ ڪري ڇڏيا آهن هن چيو ته ان کان پوءِ چيئرمين جمن شاهه پريالوءِ جي شاگردن لاءِ مليل ڪرڪيٽ گرائونڊ کي به وڪرو ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي جيڪو ان قريب وڪرو ڪري ڇڏيندو هن وڌيڪ چيو ته سڄو پريالوء شهر توهان گهمي ڏسو شهر ۾ ڪٿي به توهان کي ترقياتي ڪم ڪرايل نظر نه ايندو جڏهن ته نالين جي صفائي نه ٿيڻ جي ڪري نالين جو گندو پاڻي روڊن تي نڪري اچي ٿو جنهن جي گندگيء ۽ بدبوء سبب شهرين جي زندگيءَ عذاب بڻيل آهي هن چيو ته آخر پريالوء شهرين سان ايتري ناانصافي ۽ ظلم ڇو پيو ڪيو وڃي ان موقعي تي هن اعلي اختيارين کان مطالبو ڪيو ته ٽائون ڪاميٽي پريالوء جي چيئرمين طرفان ڪيل ميگا ڪرپشن ۽ اختيارن جي ناجائز استعمال جو نوٽس وٺي انڪوائري ڪرائي هڙپ ڪيل بجيٽ واپس ڪرائي شهر جي ترقياتي ڪمن تي خرچ ڪرائي شهرين ۾ پکڙيل بي چئني ۽ احساس محرومي ختم ڪئي وڃي