سڄي ملڪ ۾ يوٽيلٽي اسٽورز جي بندش واري فيصلي تي ملازمن طرفان احتجاجي ڌرڻي جي دوران هڪ ملازم حياتي وڃائي ويٺو. اي سي اسلام آباد فرحان احمد ملازمن کان احتجاج ختم ڪرڻ جي درخواست ڪئي پر ملازمن انڪار ڪري ڇڏيو. ملازمن جو وڏو انگ ڊي چوڪ تي پهچي ويو آهي، پوليس ۽ احتجاج ڪندڙ ملازم آمهون سامهون آهن، پوليس واٽر ڪين جون گاڏيون به گهرائي ورتيون آهن. ڊي چوڪ، سرينا چوڪ ۽ نادرا چوڪ کي سيل ڪيو ويو آهي، ڊي چوڪ تي يوٽيلٽي اسٽور جي ملازمن ڌرڻو هڻي ڇڏيو آهي. ايمبيسي روڊ ۽ فضل حق روڊ کي به بند ڪيو ويو آهي. ياد رهي ته رات دير سان يوٽيلٽي اسٽور هيڊ آفيس جي سامهون ڌرڻي ۾ موجود ملازم نياز محمد زندگي جي جنگ هارائي ويٺو، اهو بنون ريجن ۾ يوٽيلٽي اسٽور جو سيل مين هو. جيڪو ساٿين سان گڏ اسٽورز جي بندش خلاف احتجاج ۾ شرڪت لاءِ اسلام آباد آيو هو، مرحوم جو مڙهه اڄ صبح بنون روانو ڪيو ويو آهي. احتجاجي ڌرڻي ۾ موجود هڪ ٻئي ملازم محبوب احمد خان کي فاليج جو اٽيڪ ٿيو جنهن جو تعلق ميدان ريجن سان آهي، شروعاتي علاج کان پوءِ ملازم کي به اباڻي علائقي روانو ڪيو ويو آهي. يوٽيليٽي ملازم جو چوڻ آهي ته جيستائين حڪومت يوٽيلٽي اسٽور جي بندش جو فيصلو واپس نٿي وٺي اسان جو احتجاج ۽ ڌرڻو جاري رهندو.