فيض گنج ڀرسان اسڪول جا چاپڙ ڪرڻ سبب 14 شاگرد زخمي

 فيض گنج ويجهو اسڪول جي ڇت ڪرڻ سبب ڪلاس ۾ موجود شاگرد زخمي ٿي پيا. فيض گنج ڀرسان گورنمينٽ هاءِ اسڪول بصيرو جي هلندڙ ڪلاس دوران ڇت جا چاپڙ ڪري پيا جنهن سبب 14 شاگرد زخمي ٿي پيا، شاگردن ۾ خوف ۽ حراس پکڙجي ويو. زخمي شاگردن ۾ جواد شيخ، سلام الدين شيخ، شفيق راڄپر، خالد راڄپر، فراز شيخ، عنصر بلادي، حسن راڄپر، گلزار ٽانوري ۽ ٻيا پڻ شاگرد موجود آهن. جڏهن ته زخمي شاگردن کي اسڪول انتظاميه پاران فوري طور مقامي اسپتال پهچايو جتي طبعي امداد ڏني وئي.