پاڪستان ڪرپٽو سيڙپڪار

پاڪستان ۾ ڪرپٽو سيڙپڪارن جي تحفظ لاءِ گڏيل نمائندگي باڊي قائم ڪرڻ جو مطالبو

ايشيا ويب 3 الائنس جاپان (AWAJ) جي صدر ھنزا آصف پاڪستان ۾ ڊجيٽل اثاثن ۽ ڪرپٽو ڪرنسي ۾ سيڙپڪاري ڪندڙ ماڻھن جي تحفظ لاءِ ھڪ گڏيل نمائندگي باڊي قائم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آھي. سندس اھو بيان بينانس سان لاڳاپيل ڪيترن ئي ارب ڊالرن جي سائبر سيڪيورٽي ڀڃڪڙي جي واقعي کانپوءِ سامھون آيو آھي.ھنزا آصف چيو تھ پاڪستان ۾ ڪرپٽو مارڪيٽ جي وڌندڙ سرگرمين باوجود تصديق ٿيل سيڙپڪارن جي انگن اکرن جي کوٽ موجود آھي. ان صورتحال ۾ عالمي ڪرپٽو ڪرنسي ايڪسچينجز سان رابطن ۽ سھڪار کي وڌيڪ بھتر بڻائڻ جي ضرورت آھي. چيو تھ گڏيل نمائندگي باڊي قائم ٿيڻ سان سيڙپڪارن جي حقن ۽ مفادن جو تحفظ ڪرڻ ۾ مدد ملندي، جڏھن تھ غير محفوظ ايڪسچينجز ۽ معلومات جي کوٽ جھڙن مسئلن کي بھ منھن ڏئي سگھجي ٿو.ھنزا آصف وڌيڪ چيو تھ پاڪستان ۾ ڪرپٽو سيڙپڪاري جي مستقبل کي محفوظ بڻائڻ لاءِ حڪومت ۽ صنعت سان لاڳاپيل اڳواڻن کي گڏجي ڪم ڪرڻ گھرجي، جيئن ملڪ ۾ ھڪ منظم ۽ محفوظ ماحول پيدا ڪري عالمي ڪرپٽو مارڪيٽ ۾ پاڪستان جي موجودگي کي مضبوط بڻائي سگھجي.