پريالوءِ: ڀرسان جاگيراڻي ،سولنگي هلندڙ خوني تڪرار جي خاتمي لاءِ وڏا ماڇيون کان ڪوٽ پل تائين سوين ماڻهن پاران قافلي جي صورت ۾ امن ريلي ڪڍي

پريالوءِ (رپورٽر) ڀرسان جاگيراڻي ،سولنگي هلندڙ خوني تڪرار جي خاتمي لاءِ وڏا ماڇيون کان ڪوٽ پل تائين سوين ماڻهن پاران قافلي جي صورت ۾ امن ريلي ڪڍي . امن ريلي جي اڳواڻي جسقم اڳواڻ امجد علي مهيسر، سماجي اڳواڻ ميڊم شائسته کوسو سينيئر صحافي نويد کهڙو مشهور بلڊر عرض محمد جانوري ۽ ٻين ڪئي جڏهن ته ريلي ۾ خيرپور ضلعي جي سول سوسائٽي ، سوشل ورڪرن، صحافين ۽ علائقي جي معزز شخصيتن سميت ڀرپاسي جي رهواسين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.ريلي ۾ شريڪ اڳواڻن برادري تڪرار ختم ڪيو، امن ڪيو جا زوردار نعرا پڻ هنيا ويا . ان موقعي تي ريلي جي اڳواڻي ڪندڙن چيو ته جاگيراڻي، سولنگي تڪرار سبب ڪنگري تعلقو گذريل ٻن مهينن ميدان جنگ بڻيل آهي جنهن سان ضلعي جو امن تباہ ٿي رهيو آهي پر پوليس خاموش ٿي تماشي ڏسي رهي آهي جهيڙي سبب قيمتي انسانيون جانيون ضايع ٿي رهيون آهن ڳوٺ خالي ٿيندا پيا وڃن، اسڪول، اسپتالون ۽ ڪاروباري مرڪز ويران ٿي ويا آهن برداري جهيڙن سبب اڳ به ڪافي جانيون ضايع ٿي چڪيون آهن هٿ وٺي برادري جهيڙا ڪرائي ضلعي جو امن تباہ ڪيو پيو وڃي جاگيراڻي، سولنگي ڌريون پاڻ ۾ پاڙيسري ڀائر آهن جڏهن ته امن ريلي ميڙ منٿ قافلي جي صورت ۾ جاگيراڻي سولنگي برداري جي ڇڱن مڙسن وٽ وڃي پڻ ٺاھ جي اپيل ڪندي.