عرب سمنڊ ۾ موجود سامونڊي طوفان اسنيٰ بابت موسميات کاتي نئون الرٽ جاري ڪري ڇڏيو آهي. موسميات کاتي موجب اهو طوفان ڪراچي جي ڏکڻ، اوڀر کان 500 ڪلو ميٽر جي فاصلي تي آهي ۽ ماڙه جي ڏکڻ ۽ اوڀر کان 350 ۽ گوادر جي ڏکڻ اوڀر کان 260 ڪلو ميٽر پري آهي. موسميات کاتي اهو به ٻڌايو آهي ته ان دوران طوفان اسنيٰ ۾ 60 کان 70 ڪلو ميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان هوائون هلي سگهن ٿيون. موسميات کاتي موجب طوفان جي بلوچستان جي ويجهو ٿيڻ سبب مهاڻن کي پهرين سيپٽمبر تائين اونهي سمنڊ ۾ وڃڻ کان پاسو ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. موسميات کاتي موجب سنڌ جا مهاڻا اڄ کان پنهنجون معمول جون سرگرميون ٻيهر شروع ڪري سگهن ٿا.