پريالوءِ ڀرسان جاگيراڻي ۽ سولنگي ڌرين ۾ ڪارنهن تڪرار . ڌرين ۾ ڇتي فائرنگ سولنگي ڌر جو هڪ نوجوان قتل ٻنهي ڌرين جا 4 ڄڻا زخمي

تفصيل موجب پريالوءِ ڀرسان جاگيراڻي ۽ سولنگي برادري ۾ ڪارنهن معاملي تان هلندڙ خوني تڪرار ۾ ٺاپر نه آئي ٻنهي ڌرين جي هٿياربندن هڪ ٻئي مٿان ڇتي فائرنگ ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ گوليون لڳڻ ڪري سولنگي برادري جو نوجوان ڳوٺ ڊرگهپورجو رهواسي شاهزيب پٽ شاهد سولنگي قتل جڏهن ته انيس سولنگي ۽ حنيف سولنگي ۽ جاگيراڻي ڌر ڏانهن جبارجاگيراڻي ۽ امين جاگيراڻي زخمي ٿي پيا هوڏانهن سولنگي برادري جي چڱن مڙسن ٻڌايوته جاگيراڻي برادري جي هٿياربندن اسان جي ڳوٺ ڊرگهپور مٿان حملو ڪري گهرتي ڇتي فائرنگ ڪئي جنهن ۾ اسان جو هڪ نوجوان شاهزيب سولنگي قتل جڏهن ته ٻه ڄڻا حنيف سولنگي ۽ انيس سولنگي زخمي ٿي پيا ٻئي طرف جاگيراڻي ڌر جي اڳواڻن جو چوڻ آهي ته سولنگي برادري جي هٿياربندن اسان جي ڳوٺ مٿان فائرنگ ڪئي جنهن ۾ گوليون لڳڻ ڪري عبدالجبار جاگيراڻي ۽ امين جاگيراڻي زخمي ٿي پيا آهن هوڏانهن ڄاڻايل ڌرين ۾ هلندڙ خوني جهيڙي ڪري علائقو ويران بڻجي ويو يادرهي ته ڄاڻايل ڌرين ۾ هلندڙ جهيڙي ڪري ٻنهي ڌرين جا 7 ڄڻا قتل جڏهن ته 11 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا آهن