ڪنڌڪوٽ ۾ ڀائرن جي ظلمن خلاف ڀيڻ جو احتجاج، باگڙي برادري جي عورتن ۽ ٻارڙن جو احتجاج،

ڪنڌڪوٽ ۾ ڀائرن جي ظلمن خلاف ڀيڻ جو احتجاج، باگڙي برادري جي عورتن ۽ ٻارڙن جو احتجاج، پلاٽ تي قبضي، پنج تولا سون ۽ 80 هزار روڪ رقم کائي وڃڻ جا الزام، مائي بادامي ٻارڙن سميت احتجاج ڪندي چيو آهي ته مان دل جي مريض آهيان، منهنجي عمر تقريبن 60 سال آهي، منهنجا ڀائر مونکي زبردستي پرڻائڻ چاهين ٿا، انڪار ڪرڻ تي هنن منهنجي ذاتي پلاٽ تي قبضو ڪيو آهي، هن چيو ته منهنجا ڀائر هٿيار کڻي هر روز مونکي ۽ منهنجي پٽ کي قتل ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏيندا آهن، منهنجي ڀائرن ڀڳوان سنگ، ڪنور سنگ، سرواڻ سنگ، تلسي سنگ، ۽ دايا سنگ منهنجا پنج تولا سون ۽ 80 هزار روڪ رقم پڻ وٺي کائي ويا آهن، هن چيو ته پلاٽ مان پاڻ خريد ڪيو آهي، جنهن جو کاتو به منهنجي نالي تي ٿيل آهي، منهنجي پلاٽ ۾ منهنجي ڀائرن جو ڪو حصو پتي ناهي، منهنجا وارث منهنجو پٽ ۽ پوٽا آهن، پر منهنجا ڀائر مونکي ۽ منهنجي پٽن کي مارڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن، هن چيو ته ڀائرن مختلف وقتن تي منهنجي مٿان حملا ڪري مون مٿان تشدد ڪيو، دانهون ڪوڪون ڪرڻ باوجود ڪا داد رسي ڪون ٿي، هن احتجاج ڪندي ايس ايس پي ڪشمور ايٽ ڪنڌڪوٽ بشير احمد بروهي ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪندي چيو آهي ته مان غريب آهيان، ۽ جوابدارن کي بااثر ماڻهن جي پٺڀرائي آهي، جن مان منهنجي ۽ منهنجي پٽ جي جان کي خطرو آهي، جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪري انهن کي لاڪ اپ ڪيو وڃي ۽ مون سان انصاف ڪيو وڃي