پريالوء : ڀرسان ڳاڙهي موري مان مبينا طور تي هٿياربندن هٿان گهر تي حملو فائرنگ. پريالوء جي صحافي نصرﷲ کيڙو جي 17 سالا نوجوان ڀائٽي اغوا، پريالوء ۾ صحافين جو احتجاجي مظاهرو تفصيل موجب گذريل رات جو ديرسان پريالوء ٿاڻي جي حد يوسي ڳاڙهي موري جي ڳوٺ ميهڙ الدين کيڙو صحافي نصرالله کيڙو جي گهر تي 5 کان وڌيڪ نامعلوم هٿياربندن حملو ڪري گهر ۾ داخل ٿي گهر ڀاتين کي يرغمال بڻائي گهر مان 17 سالا نوجوان ناري دعا ڌي ثناءالله کيڙو کي مبينا طور تي اغوا ڪري ڪار ۾ کڻي ڪار ۾ سوار ٿي فرار ٿي ويا جڏهن ته واقعي جي اطلاع تي پريالوء پوليس واقعي واري هنڌ پهچي معلومات وٺڻ بعد علائقي ۾ ناڪابندي ڪرائي ڇڏي آهي صحافين پاران رابطو ڪرڻ تي مبينا طور تي اغوا ٿيل ناري جي چاچي نصراللہ کيڙو ٻڌايو ته اسان گهر ۾ ستل هئاسين ته رات جو ديرسان 5 کان وڌيڪ هٿياربندن گهرن ۾ داخل ٿي منهنجي ڀائٽي دعا کيڙو کي هٿيارن جي زور تي اغوا ڪري فائرنگ ڪنڌا ڪار ۾ کڻي فرار ٿي ويا هوڏانهن پريالوء پوليس رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته واقعي جي جاچ ڪري رهيا آهيون جلد معاملي جو پتو لڳائي ڇوڪري کي بازياب ڪرائي وٺنداسون جڏهن ته ٻئي طرف پريس ڪلب پريالوء جي صحافين پريس ڪلب پريالوء جي صدر عبدالجبارميراڻي، ظفر حسين بلوچ، نصراللہ کيڙو صوبل اوڍو ، منٺار جاگيراڻي ، عمران علي اوڍو ۽ ٻين احتجاجي مظاهرو ڪندي پريالوء جي صحافي صحافي نصرالله کيڙو جي ڀائٽي جي اغوا واري معاملي تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي ايس ايس پي خيرپور کان جوابدرن جي گرفتاري جي گهر ڪندي اغوا ٿيل صحافي نصرالله کيڙو جي ڀائتي جي بازيابي جو مطالبو ڪيو آهي