صدر مسلم ليگ ن نواز شريف لنڊن روانو ٿي ويو

مسلم ليگ ن جو صدر نواز شريف دبئي ذريعي لنڊن روانو ٿي ويو، هو هڪ ڏينهن دبئي ۾ ترسندو.تفصيل موجب مسلم ليگ ن جو صدر نواز شريف پرڏيهي ايئر لائن جي اڏام ذريعي دبئي روانو ٿي ويو، جتي هو هڪ ڏينهن جي ترسيل کانپوءِ لنڊن روانو ٿيندو.پارٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته مسلم ليگ ن جي صدر جي اڏام صبح 9 وڳي لاهور ايئرپورٽ تان دبئي کان لنڊن لاءِ رواني ٿي.ذريعن جو چوڻ آهي ته مسلم ليگ ن جي صدر سان لنڊن ۾ اهم ملاقاتن جو به امڪان آهي، جڏهن ته سندس لنڊن ۾ طبي معائنو به ڪرايو ويندو.پارٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته مسلم ليگ ن جو صدر نواز شريف 29 آڪٽوبر تي آمريڪا کان لنڊن روانو ٿيندو ۽ آمريڪا ۾ 4 ڏينهن ترسڻ کانپوءِ لنڊن روانو ٿيندو.ٻئي طرف پنجاب جي وڏي وزير مريم نواز جي نومبر جي پهرين هفتي ۾ برطانيا جي نجي دوري تي وڃڻ جو امڪان آهي، ٻئي اڳواڻ 5 مختلف ملڪن جي دوري دوران اهم ملاقاتون ڪندا.