حڪومت جي پيرن هيٺان زمين نڪري وئي آهي، عمر ايوب

تفصيل موجب عمر ايوب، صنم جاويد، احمد خان ڀچر ۽ ٻيا 9 مئي جي ڪيسن ۾ پيشي لاءِ عدالت پهچي ويا.دهشتگردي ٽوڙ عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي مخالف ڌر اڳواڻ چيو ته حڪومت جي پيرن هيٺان زمين نڪري رهي آهي.هن چيو ته بشرا بي بي جي آزادي ڪنهن ڊيل جو نتيجو ناهي، کيس ضمانت بعد محفوظ هنڌ منتقل ڪيو ويو آهي، محبوب قائد به جلد اسان سان گڏ هوندو.پي ٽي آءِ اڳواڻ چيو ته توشه خاني ڪيس ۾ آصف زرداري ۽ نواز شريف کي ملوث هجڻ گهرجي، جن غيرقانوني طور گاڏيون کسيون، جڏهن ته محسن نقوي ڪڻڪ جي خريداري ۾ ساڍا 4 ڪروڙ رپين جو فراڊ ڪيو.هن واضح ڪيو ته بشرا بي بي جي آزادي ڪنهن ڊيل جو نتيجو ناهي، بشرا بي بي باني جي طاقت آهي، ان کي ڪمزوري نه سمجهيو وڃي.ن ليگ صدر جي لنڊن روانگي تي مخالف ڌر جي اڳواڻ چيو ته نواز شريف جون پليٽون ضرور گريون هونديون، ان ڪري ئي هو لنڊن وڃي رهيو آهي.بصرا