پاڪستان ۾ مقرر چيني سفير جيانگ زي ڊونگ چيو آهي ته نئين حڪومت جي اچڻ کان پوءِ پاڪستان ۽ چين وچ ۾ رابطن ۾ اضافو ٿيو آهي. چئن مهينن جي اندر پاڪ چين قيادت جي ٻيهر ملاقات ٻطرفن ويجهن لاڳاپن جو چٽو ثبوت آهي.جيانگ زي ڊونگ چيو ته چيني وزيراعظم پنهنجي دوري جي دوران صدر، وزيراعظم، اسپيڪر، سينيٽ چيئرمين، آرمي چيف ۽ ٻين سيڪيورٽي عهديدارن سميت پاڪستاني قيادت کان چيني شهرين جي تحفظ جو معاملو اٿاريو آهي. چين چاهي ٿو ته انهن جي شهرين تي حملن ۾ ملوث ماڻهو ڪيفر ڪردار تائين پهچن.اسلام آباد ۾ پنهنجي رهائشگاهه تي صحافين سان ڳالهيون ڪندي هن چيو ته پاڪستان ۾ دهشتگردي جو شڪار ٿيندڙ چيني شهري معصوم هئا جيڪي پاڪستان جي ترقي جي منصوبن تي ڪم ڪري رهيا هئا.هن چيو ته پاڪستان ۾ ايس سي او ڪامياب منعقد ٿي چيني وزيراعظم وزيراعظم شهباز شريف سان گڏ گوادر جي جديد ايئرپورٽ جو افتتاح ڪيو جڏهن ته چيني وزيراعظم جي دوري دوران ڪيترن ئي اهم ايم او يوز تي به صحيحون ٿيون. چيني سفير چيو ته چين جي وزيراعظم سان ملاقاتن ۾ پاڪستان جي سياسي ۽ عسڪري قيادت انهي ارادن جو اظهار ڪيو آهي ته اسان دهشتگردي کي جڙ کان ختم ڪنداسين ۽ چيني شهرين تي حملن جي جاچ ڪنداسين.