اسٽيٽ بينڪ جي گورنر جميل احمد چيو آهي ته پاڪستان جي معيشت ۾ بهتري اچڻ سان مهانگائي گهٽ جڏهن ته معاشي سرگرميون به تيزي سان بحال ٿي رهيون آهن.واشنگٽن ۾ اسٽيٽ بينڪ جي گورنر جميل احمد جي آءِ ايم ايف ۽ عالمي سرمائيڪارن سان ورلڊ بينڪ جي سالياني اجلاسن جي موقعي تي ملاقاتون ٿيون. اسٽيٽ بينڪ جي گورنر عالمي ريٽنگ ايجنسين سان به ملاقات ڪئي جنهن ۾ جميل احمد گذريل سال پاڪستان جي معاشي انڊيڪيٽرز ۾ نمايان بهتري جو جائزو پيش ڪيو.انهي موقعي تي اسٽيٽ بينڪ جي گورنر چيو ته پاڪستان سميت عالمي ۽ اڀرندڙ معيشيتن کي چيلنجز پيش اچي رهيا آهن. معاشي چيلنجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ سخت پاليسي وارن قدمن جي ضرورت آهي. هن وڌيڪ چيو ته حڪومت جي مالياتي يڪجاني معاشي استحڪام بحال ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. اسٽيٽ بينڪ ۽ حڪومت ٻنهي استحڪام جي لاءِ اهم قدمن تي عمل ڪيو. اهڙن قدمن جا مثبت نتيجا سامهون اچي رهيا آهن.جميل احمد چيو ته مهانگائي عروج تي پهچڻ کان پوءِ هاڻ واضح طور تي هيٺ وڃي رهي آهي. معاشي سرگرميون بحال ٿي رهيون آهن. معيشت صحيح رستي تي آهي. مئي 2023 ۾ مهانگائي 38 سيڪڙو هئي، 2024 ۾ 6.9 سيڪڙو رهجي وئي، مشڪل حالتن جي باوجود گذريل 12 مهينن دوران ٻاهريون کاتو ڪافي بهتر ٿيو.