اقتصاديات جي ماهر ڊاڪٽر قيصر بنگالي جو چوڻ آهي ته ناڻي وارو وزير جيڪڏهن قرض معاف ڪرڻ لاءِ نئون قرض وٺي ٿو ته اهو ڏيوالي جي دليل آهي.تفصيل موجب اقتصاديات جي ماهر ڊاڪٽر قيصر بنگالي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته آءِ ايم ايف جي پروگرام کانپوءِ معيشت جو استحڪام عارضي آهي، مهانگائي ۾ گهٽتائي ۽ اسٽاڪ ۾ بهتري جون خبرون مستقل معاشي استحڪام ظاهر نه ٿيون ڪن.قيصر بنگالي چيو ته پاڪستان جون بئنڪون 10 سالن کان ڪرپٽ آهن.اقتصادي ماهر جو چوڻ هو ته حڪومت سرڪاري خرچن ۾ گهٽتائي لاءِ ڪميٽي ٺاهي، سادگي ڪميٽي جي مٿان نئين ڪميٽي جوڙي وئي.هن چيو ته ڪميٽي گريڊ 1 کان 5 تائين ساڍا ٽي لک پوسٽون ختم ڪيون، جڏهن ته گريڊ 17 کان 22 تائين جي پوسٽن کي گهٽائڻ جي ضرورت آهي.ياد رهي ته گذريل مهيني حڪومتي سادگيءَ واري ڪميٽي تان استعيفيٰ ڏيندڙ اقتصاديات جي ماهر ڊاڪٽر قيصر چيو هو ته ملڪ ڏيوالپڻي جو شڪار آهي، اسان کي ڪير به قرض نه ڏئي رهيو آهي، پرڏيهي ڪمپنيون ملڪ ڇڏي رهيون آهن.هن چيو ته هن وقت هنگامي قدم کڻڻ جي ضرورت آهي، اسان ادارن کي وڪڻڻ چاهيون ٿا پر ڪير به خريد نه ڪري رهيو آهي، معيشت تباهه ٿي رهي آهي ۽ اسلام آباد ۾ ڪنهن کي ان جي ڪا به پرواهه ناهي.هن وڌيڪ چيو ته حڪومت خرچن ۾ گهٽتائي لاءِ آفيسرن بدران جونيئر ملازمن کي برطرف ڪري رهي آهي.