تفصيل موجب تاريخي ثقافتي ورثي جي بحالي واري منصوبي جي مڪمل ٿيڻ کانپوءِ آمريڪي سفير ڊونلڊ بلوم فريئر هال پهتو، جتي هن سنڌ جي ثقافت واري وزير سيد ذوالفقار شاهه سان گڏجي منصوبي جو افتتاح ڪيو.آمريڪي سفير لائبريري جو دورو ڪيو، جتي هن شيلف تي رکيل ڪتاب جو مطالعو پڻ ڪيو.تقريب کي خطاب ڪندي آمريڪي سفير ڊونلڊ بلوم چيو ته هي نادر پروجيڪٽ، جيڪو يو ايس قونصليٽ ۽ سنڌ ايڪسپلوريشن اينڊ ايڊوينچر سوسائٽي جي ڀائيواري آهي، اڄ مڪمل ٿيو آهي.آمريڪي سفير چيو ته فريئر هال 2002 ۾ ٿيل ڌماڪي ۾ تباهه ٿي ويو ۽ ان جي بحالي ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن ۽ ثقافتي ورثي جي تحفظ جي عزم کي ظاهر ڪري ٿي. اهي پاڪستان جي عظيم تاريخ ۽ ثقافت کي محفوظ ڪري رهيا آهن.فريئر هال جي تاريخي ورثي کي بحال ڪرڻ لاءِ 350,000 آمريڪي سفير فنڊ فار ڪلچرل پريزرويشن (AFCP) منصوبي تحت مڪمل ڪيو ويو، تقريب ۾ آمريڪي قونصل جنرل اسڪاٽ اربام شرڪت ڪئي.