پاران ڪشميرين سان اظهار يڪجهتي لاءِ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ‘ڪنڌڪوٽ’

ڪنڌڪوٽ ۾ 27 آڪٽوبر ڪاري ڏينهن جي موقعي تي جماعت اسلامي پاران ڪشميرين سان اظهار يڪجهتي لاءِ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، مظاھرين پاران ڀارت خلاف سخت نعري بازي پڻ ڪئي ان موقعي تي جماعت اسلامي جي صوبائي اڳواڻ حافظ نصرالله چنا ـ ضلعي امير غلام مصطفيٰ ميراڻي عبيد الله گولو ۽ ٻين چيو ته 27 آڪٽوبر ڪشمير جي تاريخ جو ڪارو ڏينهن آهي، جنهن ڏينهن ڀارتي فوج ڪشمير ۾ داخل ٿي ڪشمير تي ظلم ڪيو، 1947 کان اڄ تائين ڪشميري عوام تي ظلم ۽ جبر جا پھاڙ ٽوڙيا پيا وڃن. ان وقت کان وٺي ڀارت 90 ھزار کان وڌيڪ فوجي ڪشمير ۾ داخل ڪري چڪو آهي، والاريل وادي دنيا جي سڀ کان وڏي جيل بڻيل آهي، لکين ماڻهو شهيد ٿي چڪا آهن، هزارين ٻارن کي اکين محروم ڪيو ويو آهي عورتن جون عزتون پامال ڪيون آهن لکين ٻار يتيم ٿي ويا آهن پر ان جي باوجود ڪشميرين جو جذبو مضبوط آهي ڀارت دٻائي نه سگهيو آهي ڪشميري پنهنجي جدوجهد کي جاري رکيو آهي انشاالله جلد ظلم جي اها ڪاري رات ختم ٿيندي ۽ ڪشمير جي آزادي جو سج اڀرندو.