پاڪستان مان مزدوري لاءِ ٿائيلينڊ ويندڙ شهري جو اغوا

تفصيل موجب اسلام آباد مان مزدوري لاءِ ٿائيلينڊ ويندڙ شهري حماد الرحمان کي به اغوا ڪيو ويو آهي، درخواستگذار جو چوڻ آهي ته سندس پٽ کي برما بارڊر ويجهو رکيو ويو آهي اغوا ٿيل شهري جي پيءُ جو چوڻ آهي ته جوابدار گهر ڀاتين کي ٽيليگرام تي رابطو ڪرڻ جي هدايت ڪئي، پيءُ حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته منهنجي پٽ جي آزاديءَ لاءِ قدم کنيا وڃن، سندس پٽ کي اتي رکيو ويو آهي، اتي ٻيا پاڪستاني به آهن، روزانو 50 ڄڻن تي تشدد ڪيو وڃي ٿو اغوا ٿيل شهري جي والد جو چوڻ آهي ته حماد الرحمان کي ايئرپورٽ تان اغوا ڪيو ويو، منهنجي حڪومت کان درخواست آهي ته منهنجي پٽ جي بازيابي لاءِ قدم کنيا وڃن.