اسرائيل ايران تي حملي لاءِ ڪهڙي ملڪ جي فضائي حد استعمال ڪئي؟

الجزيره جي رپورٽ موجب ميجر جنرل عبدالرحيم موسوي جو چوڻ هو ته اسرائيلي جنگي جهازن عراقي فضائي حدن کي استعمال ڪندي غيرقانوني طور تي ملڪ تي حملي لاءِ 100 ڪلوميٽرن جي حد تائين ميزائل فائر ڪيا. انهن چيو ته ايران جي فضائي دفاعي نظام جي ڪري نه رڳو وڏي تعداد ۾ ميزائلن کي نشانو بڻايو ويو پر دشمن جي جهازن کي ملڪ جي فضائي حدن ۾ داخل ٿيڻ کان به روڪيو ويو.