ايراني ميڊيا موجب ايران جي نائب صدر محمد رضا عارف تهران ۾ حماس ۽ حزب الله جي نمائندن سان الڳ الڳ ملاقاتون ڪيون ۽ اسرائيل کي خبردار ڪيو ته هو مناسب وقت ۽ حالتن تي تهران تي جارحيت جو جواب ڏيندو ايراني پرڏيهي وزير چيو ته اسرائيلي فوجي مرڪزن تي حملا گڏيل قومن جي چارٽر ۽ عالمي قانونن جي ڀڃڪڙي آهي، عالمي امن ۽ سلامتي جي لاءِ دنيا کي متحد ٿيڻ گهرجي، گڏيل قومن ۾ ايراني وفد سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس کي خط لکيو آهي ان کان اڳ آمريڪي بچاءَ واري وزير لوئڊ آسٽن ايران کي خبردار ڪيو هو ته هو ايران جي فوجي اڏن تي اسرائيل جي حملن جو جواب نه ڏئي خطي ۾ ڇڪتاڻ گهٽائڻ تي زور ڏنو ويو واضح رهي ته پهرين آڪٽوبر تي ايراني بيلسٽڪ ميزائل حملن جي جواب ۾ اسرائيل 26 آڪٽوبر جي صبح تهران، شيراز ۽ ڪرج تي هوائي حملو ڪيو هو. اسرائيلي حملن کانپوءِ ايراني فوج طرفان جاري ڪيل بيان ۾ ٻڌايو ويو آهي ته اسرائيل جي حملي ۾ پنهنجي سرزمين جو دفاع ڪندڙ ٻه فوجي مارجي ويا ۽ 2 زخمي ٿي پيا، جڏهن ته ڇنڇر جي رات اهي 2 زخمي اهلڪار به زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويا.