غريب خاندانن کي مالي تحفظ فراهم ڪرڻ لاءِ خيبرپختونخواهه حڪومت جو انقلابي قدم

خيبرپختونخواهه حڪومت جي صلاحڪار بئريسٽر سيف چيو آهي ته صوبائي حڪومت يونيورسل هيلٿ ڪوريج کانپوءِ ماڻهن کي لائف انشورنس فراهم ڪرڻ جي منصوبي جي منظوري ڏني آهي ۽ ان فلاحي اسڪيم جو مقصد غريب ۽ ڪمزور ماڻهن کي مالي تحفظ فراهم ڪرڻ آهي صوبي جي آبادي غربت جي لڪير کان هيٺ زندگي گذاري رهي آهي. جڏهن به ڪنهن گهر ۾ ڪو موت ٿئي ٿو ته هڪ فرد جي موت پوري خاندان کي مالي بحران ۾ وجهي ڇڏيو آهي. جاني نقصان جو ازالو ممڪن ناهي، حڪومت متاثر خاندانن جي مدد لاءِ وڏو فيصلو ڪري ورتو آهي، هن چيو ته 60 سالن کان وڌيڪ عمر جي ماڻهن جي فوت ٿيڻ تي خاندان کي 5 لک رپيا امداد ڏني ويندي. جڏهن ته 60 سالن کان گهٽ عمر جي بزرگ جي فوت ٿيڻ تي وارثن کي 10 لک رپيا ڏنا ويندا، بيرسٽر سيف چيو ته هي منصوبو ڪي پي ۾ فلاحي رياست جي قيام لاءِ هڪ ٻيو اهم سنگ ميل هوندو. هن چيو ته حڪومت صوبائي سطح تي انشورنس ڪمپني قائم ڪرڻ جي تجويز تي به غور ڪري رهي آهي.