تفصيل موجب سپريم ڪورٽ ۾ ججن جو انگ وڌائڻ واري بل تي حڪومت ۽ ان جا اتحادي متفق نه ٿي سگهيا. حڪومت پاران سپريم ڪورٽ جي ججن جو انگ وڌائڻ بابت قانون سازي ملتوي ڪرڻ جو فيصلو، تجويز ڪيل بل اڄ قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ پيش نه ڪيو ويندو. ذريعن جو چوڻ آهي ته اتفاق راءِ کانپوءِ بل ايندڙ هفتي ايوان ۾ پيش ڪرڻ جو امڪان آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته چيف جسٽس سميت سپريم ڪورٽ ۾ ججن جو انگ وڌي 23 ڪيو ويندو، ان حوالي سان پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ ۾ ترميم تي به مشاورت جاري آهي آصف زرداري پريڪٽس اينڊ پروسيجر ترميمي آرڊيننس تي صحيح ڪري ڇڏي آهي، جنهن کانپوءِ اهو قانون بڻجي ويو آهي، ان کان اڳ وفاقي ڪابينا سرڪيوليشن ذريعي آرڊيننس جي منظوري ڏني هئي.