پي ٽي آءِ جو ڪم احتجاج ڪرڻ آهي، غلط ڪم ڪندو ته گرفتاريون ٿينديون: مريم نواز

پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز چيو آهي ته پي ٽي آءِ جو ڪم ئي احتجاج ڪرڻ آهي، اوهان غلط ڪم ڪندو ته گرفتاريون ٿينديون. گذريل ڏينهن پريس ڪانفرنس دوران مريم نواز چيو هو ته سروي ڪرائي ڇڏي آهي، فتنو ۽ انتشار تحريڪ هيٺ  جڏهن ته(ن) ليگ مٿي وڃي رهي آهي. لنڊن ۾ پارٽي ڪارڪنن سان ڳالهيون ڪندي پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز چيو ته اسموگ 7-8 سالن کان آهي انهي جي خاتمي لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون. سرن جي بٺي جون ڪارو دونهون ۽ دونهون ڇڏيندڙ گاڏين کي پڪڙي رهيا آهيون. پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز چيو ته مونجي جلاني وارن هارين کي روڪڻ جي لاءِ ترڪيبون جوڙي رهيا آهيون، انشاءَالله جلد اسموگ تي ڪنٽرول ڪري وٺنداسين.