”بشري بي بي کي 24 نومبر کان اڳ گرفتاري جو خدشو“

پي ٽي آءِ چيئرمين بئريسٽر گوهر جي صدارت هيٺ وزيراعليٰ هائوس ۾ پي ٽي آءِ جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ علي امين گنڊاپور، شيخ وقاص اڪرم، عمر ايوب ۽ ٻين اڳواڻن شرڪت ڪئي، جڏهن ته پنجاب مان قومي ۽ صوبائي اسيمبلي ميمبرن به شرڪت ڪئي.

اجلاس ۾ بشرا بي بي پهريون ڀيرو پردي جي پويان ڳالهايو ۽ شرڪت ڪندڙن کي موبائيل فون بند ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي.

پي ٽي آءِ جي باني جي گهرواري چيو ته سياست ۾ اچڻ جو ڪو ارادو ناهي، هو رڳو ڪارڪنن کي باني جو پيغام پهچائڻ آئي آهي. بشرا بي بي جو وڌيڪ چوڻ هو ته 24 نومبر تي کيس پوري تياري سان وڃڻو آهي پر ڊپ آهي ته ان کان اڳ ڪا گرفتاري ٿي سگهي ٿي.

عمران خان جي گهرواري پي ٽي آءِ باني جي آزادي تي ڳالهايو، اجلاس ۾ عمران خان جي آخري سڏ تي سخت احتجاج رڪارڊ ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو.