وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته دهشتگردن جي ملڪ مان مڪمل خاتمي تائين انهن جي خلاف جنگ جاري رکنداسين. قلات جي علائقي شاهه مردان ۾ دهشتگردن طرفان سيڪيورٽي فورسز تي حملي جي سخت مذمت ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ پوري قوم پنهنجي بهادر جوانن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل آهي. وزيراعظم چيو ته ملڪي بقاءُ جي خاطر پاڪ فوج جي جوانن ۽ انهن جي گهر ڀاتين جون لازوال قربانيون آهن. مون سميت پوري قوم کي پنهنجن شهيدن ۽ انهن جي گهر ڀاتين تي فخر آهي. وزيراعظم ڇهن دهشتگردن جي مارجي وڃڻ ۽ 4 کي زخمي ڪري گرفتار ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي آفيسرن ۽ جوانن کي داد ڏني. هن چيو ته دهشتگردن جو بهادري سان مقابلو ڪندي شهادت ماڻيندڙ 7 بهادر جوانن کي خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا، وزيراعظم شهيدن جي گهر ڀاتين سان به تعزيت جو اظهار ۽ کين صبر جميل جي دعا ڪئي. ياد رهي ته گذريل ڏينهن بلوچستان جي ضلعي قلات ۾ سيڪيورٽي فورسز جي چوڪي تي ٿيندڙ حملي ۾ 7 اهلڪار شهيد جڏهن ته جوابي ڪارروائي ۾ 6 دهشتگرد مارجي ويا ۽ 4 زخمي ٿي پيا.