نوازشريف ۽ پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز لنڊن کان ملڪ واپس پهچي ويا

 اڳوڻو وزيراعظم ۽ مسلم ليگ(ن) جو اڳواڻ ميان محمد نوازشريف ۽ پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز ملڪ واپس پهچي ويا آهن. نوازشريف 25 آڪٽوبر تي لاهور کان دبئي لاءِ روانو ٿيو هو. اڳوڻو وزيراعظم دبئي کان لنڊن، آمريڪا ۽ يورپ جو دورو ڪيو. پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز 7 نومبر تي جينيوا جي لاءِ رواني ٿي هئي، اها لاهور مان خصوصي جهاز ذريعي سوئزرلينڊ جي شهر جينيوا پهتي هئي. جينيوا ۾ مريم نواز پيراتهائيرائيڊ جي شڪايت سبب طبي معائنو ڪرايو ۽ پوءِ ڪجهه ڏينهن ترسڻ کان پوءِ هو لنڊن پهتي هئي جتي ميان نوازشريف اڳ ئي موجود هو. لنڊن کان ملڪ واپسي کان اڳ صحافين سان ڳالهيون ڪندي نوازشريف چيو ته 24 نومبر تي احتجاج جو سڏ ملڪ کي ڊي ريل ڪرڻ جي ڪوشش آهي. صدر مسلم ليگ(ن) چيو ته احتجاج جو سڏ ڏيندڙ انشاءَالله ڪامياب نه ٿيندا.