اليڪشن ايڪٽ جي ڀڃڪڙي جو الزام: بلاول ڀٽو ۽ اياز صادق خلاف درخواست داخل

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق جي خلاف لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي وئي آهي. لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ داخل ڪيل درخواست ۾ اليڪشن ڪميشن، بلاول ڀٽو ۽ سردار اياز صادق کي ڌر بنايو ويو آهي. درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته بلاول ڀٽو زرداري پاڪستان پيپلز پارٽي پارٽي پارليامينٽرين جي ٽڪيٽ تي قومي اسيمبلي جو ميمبر چونڊجو، جڏهن ته بلاول ڀٽو پاڪستان پيپلز پارٽي جو چيئرمين به آهي. لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ داخل ڪيل درخواست ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان پيپلز پارٽي پارليامينٽرين ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي 2 ڌار ڌار سياسي پارٽيون آهن جنهن سان اليڪشن ايڪٽ 2017 جي ڀڃڪڙي ٿي رهي آهي. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر کي بلاول ڀٽو جي انهي ڀڃڪڙي تي پهرين نومبر تي خط لکيو ويو. بلاول ڀٽو زرداري انهي ڀڃڪڙي جي ڪري نااهل ٿي سگهي ٿو. درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي آهي ته عدالت اليڪشن ايڪٽ 2017 جي ڀڃڪڙي ڪرڻ تي لاڳاپيل ڌرين جي خلاف فوري طور تي ڪارروائي جو حڪم ڏئي.