برک سياستدان،صوفي شاعر،پاڪستان پيپلزپارٽي پارليامينٽرين جي اڳوڻو صدر ۽ درگاھ حضرت مخدوم سرور نوح جي اڳوڻي روحاني پيشوا مرحوم مخدوم محمد امين فھيم جي نائين ورسي هالا ۾ نھايت عقيدت ۽ احترام سان سندس آخري آرام گاھ درگاھ حضرت مخدوم سرور نوح ھالا ۾ نھايت عقيدت ۽ احترام سان ملھائي پئي وڃي،جتي پوري سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان سروري جماعت جي مريدن عقيدتمندن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي آھي. مخدوم امين فھيم جي ورسي جي موقعي تي سروري جماعت جو روحاني پيشوا پ پ ايم اين اي مخدوم جميل الزمان درگاھ حضرت مخدوم سرور نوح پھچي مخدوم امين فھيم جي مزار تي گلن جي چادر چاڙھي دعا جو افتتاح ڪري سروري جماعت جي آيل مريدن ۽ عقيدتمندن کي درشن پڻ ڪرائيندو، مخدوم محمد امين فھيم 7 ڀيرا قومي اسيمبلي جو ميمبر، ھڪ ڀيرو سنڌ اسيمبلي جو ميمبر ۽ 3 ڀيرا وفاقي وزير پڻ رھيو،مخدوم محمد امين فھيم کي مشرف دور ۾ وزير اعظم جي عھدي جي آڇ ٿئي ھئي جيڪا ھن پاڪستان پيپلزپارٽي جي خاطر ٽڪرائي ڇڏي ھئي،ورسي جي موقعي تي درگاھ سرور نوح کي رنگ بہ رنگي بلبن سان ڪنوار جيان سينگاريو ويو آھي،مرحوم جي ايثالي ثواب لاء قرآن خواني بہ ڪئي پئي وڃي، ورسي جي موقعي تي پوليس پاران سيڪيورٽي جا انتظام انتھائي سخت ڪيا ويا آھن،درگاھ سرور نوح جي داخلي ۽ خارجي رستن تي واڪٿرو ڪيٽ قائم ڪري تلاشي ڪئي پئي وڃي،ميونسپل ڪميٽي ھالا پاران شھر ۾ صفائي ۽ پاڻي جي سبيلن جا اسٽال پڻ قائم ڪيا ويا آھن، جڏھن تہ آيل مھمانن لاء لنگر جو پڻ انتظام ڪيو ويو آھي.