گورنر پنجاب ۽ پيپلز پارٽي جي اڳواڻ سردار سليم حيدر خان چيو ته ٽائمنگ جي ڳالهه ناهي، موجوده حڪومت کي پوري طرح سپورٽ ڪري رهيا آهيون. گورنر پنجاب چيو ته اسان سمجهون ٿا ته هن نظام کي هلائڻو آهي ۽ پي ٽي آءِ سان لاڳاپيل جيڪي به معاملا آهن، ان ۾ پڻ حڪومت سان گڏ بيٺا آهيون. پيپلز پارٽي سمجهي ٿي ته سسٽم کي هلائڻو آهي. سردار سليم حيدر خان چيو ته جيڪڏهن اسان سان ڪيل معاهدن جو پاسو نه ڪيو ويو ته اسان خاموش نٿا رهي سگھون، آخري حد تائين ڪوشش ڪئي پئي وڃي ته معاملا سڌريو وڃن. ڪو شڪ ناهي ته ن ليگ سان اتحاد ۾ هميشه پيپلز پارٽي کي نقصان ٿيو آهي. گورنر پنجاب چيو ته ٻه مختلف پارٽيون آهن ۽ ٻنهي جا نظرين ۾ فرق آهي، اسان جي ورڪر جي دلين ۾ آهي ته اسان جي ليڊرن سان ناانصافيون ٿيون آهن. هن چيو ته جڏهن به ن ليگ سان ويٺا آهيون، مجبوريءَ ۾ ويٺا آهيون ۽ هن دفعي به مجبوري ۾ ن ليگ سان ويهڻو پيو آهي، ملڪ جي خاطر پيپلز پارٽي کي هميشه ڪڑو گهونٽ پينا پيو آهي. سردار سليم حيدر خان چيو ته جيڪڏهن جائز ڳالهين تي مسلسل عمل ناهي ٿيندو ته پوءِ ڪيترو برداشت ڪري سگھجي ٿو؟ پويان حڪومت ۾ ن ليگ سان پيپلز پارٽي جو پهريون اتحاد اسان لاءِ هڪ خوفناڪ خواب هو، ن ليگ گذريل اتحاد ۾ پيپلز پارٽي کي نظرانداز ڪيو. گورنر پنجاب چيو ته ڪميٽيون بڻجن ٿيون، ميٽنگ ٿيندي آهي پر ڪجهه ناهي ٿيندو، هن دفعي پڻ ڪميٽيون بڻيون آهن، ڏسون ٿا نتيجو ڇا نڪري ٿو، جڏهن ته وزيراعليٰ پنجاب کي تعاون جو يقين ڏياريو، پر هڪ طرفه رابطي جو ڪو فائدو ناهي، جتي شيون ٺيڪ ناهن، اتي ڳالهايان ٿو.