باني پي ٽي آءِ جي رهائي لاءِ روبڪار جاري

تفصيلات موجب، اسلام آباد هاءِ کورٹ ۾ ٽوشہ خانہ ٽو ڪيس ۾ باني پاکستان تحریک انصاف عمران خان جي ضمانت منظور ڪئي هئي، جنهن کان پوء انهن جي رہائي لاءِ روبڪار جاري ڪيو ويو آهي. عمران خان جي ضمانت تي رهائي لاءِ 10، 10 لک رپين جا ٻه مچلڪا طارق نون ۽ راجا غلام سجاد طرفان پيش ڪيا ويا، جنهن کان پوءِ اسپيشل جج سينٽرل شاه رخ ارجمند نے باني پي ٽي آءِ جي رہائي جو روبڪار جاري ڪيو. واضح رهي ته ٻه ڏينهن اڳ اسلام آباد هاءِ کورٹ نے توشہ خانہ ٽو ڪيس ۾ باني پي ٽي آءِ عمران خان جي ضمانت منظور ڪندي ان کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو. عدالت طرفان باني پی ٹی آئی کي 10،10 لک رپين جا ٻه مچلڪا جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو ويو ۽ ضمانت بعد ٽرائل ڪورٽ ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو ويو، ۽ چيو ويو ته جيڪڏهن ٽرائل ۾ عدالت سان تعاون نه ڪيو ويو ته ضمانت جو حڪم واپس ٿي سگهي ٿو. ان کان پوءِ، ان ئي شام عمران خان کي نئون ٽائون پوليس اسٽيشڻ ۾ انسدادِ دهشتگردي ايڪٽ تحت هڪ ٻي مقدمہ ۾ گرفتار ڪيو ويو ۽ گذريل ڏينهن انسدادِ دهشتگردي جي خصوصي عدالت ۾ عمران خان جو پنج ڏينهن جو جسماني ريمانڊ منظور ڪيو ويو. توشہ خانہ ريفرنس 2 ڇا آهي؟ ياد رهي ته باني پي ٽي آءِ ۽ بشريٰ بي بي خلاف توشہ خانہ ريفرنس 2 سعودي ولي عهد پاران ڏنل بلغاري جيولري سيٽ بابت دائر ڪيو ويو هو. ريفرنس ۾ چيو ويو آهي ته بشريٰ بي بي کي 7 کان 10 مئي 2021 جي سعودي عرب جي دوري دوران بلغاري جيولري سيٽ ڏنو ويو، جنهن ۾ هڪ انگوٽھي، بريسلٽ، نيڪلس ۽ هڪ جوڙي باليون شامل آهن. ريفرنس ۾ اهو به ڄاڻايو ويو آهي ته باني پي ٽي آءِ ۽ انهن جي اهليہ پاران غيرقانوني طور تي بلغاري جيولري سيٽ رکيو ويو، جڏهن ته توشہ خانہ ۾ ان جو ڊڪليئر ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو هو پر سيٽ جمع ناهي ڪرايو ويو. ريفرنس مطابق، بلغاري جيولري سيٽ جي ڪُل قيمت تقريباً 7 کروڙ 56 لک 61 هزار 600 پاڪستاني رپين جي برابر آهي. نيب جو چوڻ آهي ته توشہ خانہ رولز موجب 50 سيڪڙو ڏنڀ ڪري سيٽ جي قيمت 3 کروڙ 57 لک 65 هزار 800 رپين ٿي، ۽ ان کي گهٽ قيمت تي جُز ڪرڻ جي ڪري قومي خزاني کي 3 کروڙ 28 لک 51 هزار 300 رپين جو نقصان ٿيو.