سينيٽر فيصل واوڊا چيو آهي ته مون اڳ ئي ٻڌايو هو ته عمران خان جي سياسي انهي جا پنهنجا ئي کوٽيندا. پي ٽي آءِ باني عمران خان جي گهر واري بشريٰ بي بي جي تازي بيان تي رد عمل جو اظهار ڪندي فيصل واوڊا چيو ته بي بي جي خطرناڪ بيان کان پوءِ جيئن مون چيو هو ته خان صاحب جي سياسي قبر پنهنجا ئي کوٽيندا بالڪل ساڳئي طريقي سان ٿيو آهي. سماجي رابطن جي پليٽ فارم ايڪس تي پنهنجي بيان ۾ فيصل واوڊا چيو ته هاءِ ڪورٽ جي منع ڪرڻ جي حڪم باوجود جيڪڏهن ڪو 24 تي اسلام آباد اچي ٿو ته توهين عدالت جي تحت ايم اين اي ۽ ايم پي اي کي صرف پنهنجي سيٽ نه وڃائڻي پوندي پر حڪومت ڌوٻي گهاٽ جيان ڌوئڻ جي لاءِ تيار بيٺل آهي. هن چيو ته هائوس اريسٽ، اريسٽ يا پوءِ مچهه جيل واريون ڳالهيون نه وسارجو. جن جي آزادي ٿي آهي انهي جي گرفتاري به ٿي سگهي ٿي پوءِ ڏوراپا نه ڏجو.