احتجاجي قافلي جي اڳواڻي تي اختلاف: بشريٰ بي بي ۽ علي امين ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ

 پي ٽي آءِ ۾ احتجاج جي معاملي تي اختلاف کلي سامهون اچي ويا،  بشريٰ بي بي ۽ ڪي پي ڪي جي  وڏي وزير علي امين گنڊاپور ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ ٿي آهي. ذريعن موجب بشريٰ بي بي ۽ علي امين گنڊاپور وچ ۾ احتجاجي قافلي جي اڳواڻي تي تڪرار ٿي. پارٽي ذريعن ٻڌايو ته بشريٰ بي بي پشاور مان نڪرندڙ قافلي جي اڳواڻي ڪرڻ جي خواهشمند آهي جڏهن ته علي امين گنڊاپور چئي رهيو آهي ته بشريٰ بي بي جو سياست سان ڪوبه تعلق نه آهي. جهيڙي کان پوءِ اڳوڻي خاتون اول بشريٰ بي بي گاڏي ۾ ويهي رهي، جڏهن ته ڪي پي ڪي جو وڏو وزير علي امين گنڊاپور پنهنجي گهر طرف روانو ٿي ويو. اندروني اختلافن سبب احتجاجي قافلو پنهنجي منزل طرف روانو نه ٿي سگهيو. ذريعن موجب گذريل رات پي ٽي آءِ جي اعليٰ قيادت جي اهم گڏجاڻي ٿي جنهن ۾ پيش ايندڙ مسئلن تي تفصيلي ڳالهيون ڪيون ويون. پي ٽي آءِ جي ذريعن موجب احتجاج هر صورت ۾ ٿيندو، رنڊڪن جي صورت ۾ پلان بي تي عمل ڪيو ويندو. اجلاس ۾ پي ٽي آءِ  اڳواڻن چيو ته مطالبن جي منظور ٿيڻ تائين ڌرڻو هڻنداسين جتي رنڊڪون ملنديون انهي جڳهه تي احتجاج شروع ڪنداسين. گڏجاڻي ۾ اها تجويز ڏني وئي آهي ته جنهن ڏينهن رنڊڪون هٽايون وڃن انهي ڏينهن اسلام آباد طرف مارچ شروع ڪيو وڃي. پي ٽي آءِ اڳواڻن چيو ته سڄي ملڪ ۾ ٽرانسپورٽ جو سسٽم روڪيو ويو آهي. موٽر وي به بند ڪئي وئي آهي ۽ رنڊڪون به لڳايون ويون آهن پر جيئن ئي اسلام آباد جا رستا کلندا انهي ڏينهن اسلام آباد جي طرف مارچ شروع ڪنداسين.