پي ٽي آءِ احتجاج دوران شرپسندن رينجرز اهلڪارن تي گاڏي چڙهائي ڇڏي، 4 اهلڪار شهيد، 5 زخمي

سري نگر هاءِ وي تي پي ٽي آءِ احتجاج دوران شرپسندن گاڏي رينجرز اهلڪارن تي چڙهائي ڇڏي جنهن سبب 4 اهلڪار شهيد ٿي ويا. واقعي ۾ رينجرز ۽ پوليس جا 5 جوان سخت زخمي ٿي پيا آهن جن کي طبي امداد جي لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. سيڪيورٽي ذريعن موجب 2 پوليس اهلڪارن سميت 100 کان وڌيڪ پوليس اهلڪارن جي زخمي ٿيڻ رپورٽ ڏني آهي جنهن ۾ ڪيترائي سخت زخمي ٿي پيا آهن. سيڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته انتشار پسند ۽ دهشتگرد عناصر کي ڪنهن به قسم جي دهشتگرداني ڪارروائي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ سمورا قدم کنيا پيا وڃن. سيڪيورٽي ذريعن موجب شرپسندن طرفان قانون لاڳو ڪندڙ ادارن تي حملن ۾ هينئر تائين رينجرز جا 4 شهيد ۽ پوليس جا 2 جوان شهيد ٿي چڪا آهن. سيڪيورٽي ذريعن موجب هينئر تائين 100 کان وڌيڪ پوليس اهلڪار زخمي ٿي چڪا آهن. جن ۾ ڪيترائي سخت زخمي ٿي پيا آهن. سيڪيورٽي ذريعن موجب آرٽيڪل 245 جي تحت پاڪ فوج کي گهرايو ويو آهي ۽ اهو واضح به ڪيو ويو آهي ته قانون ٽوڙيندڙن کي سختي سان منهن ڏنو ويندو جڏهن ته انتشار پکيڙيندڙن کي موقعي تي گولي هڻڻ جا  واضح حڪم ڏنا ويا آهن.