78

ٻيون ون ڊي: زمبابوي جو پاڪستان خلاف ٽاس کٽي بيٽنگ جو فيصلو، 4 وڪيٽن جي نقصان تي 68 رنسون ٺاهي ورتيون

پاڪستان ۽ زمبابوي وچ ۾ 4 ون ڊي ميچز جي سيريز جو اڄ ٻيون ميچ کيڏيو پيو وڃي. زمبابوي  سيريز جي ٻئين ون ڊي ميچ ۾ 4 وڪيٽن جي نقصان تي 61 رنسون ٺاهي ورتيون. بلائيو ۾ کيڏيل ميچ  ۾ زمبابوي جي اننگز جو آغاز سٺو نه رهيو، اوپنر جويلروڊ گمبي 5 جڏهن ته تاديوانشي ماروماني 4 رنسون ٺاهي پويلين موٽيا، ٽئين وڪيٽ لاءِ 38 رنسن جي پارٽنر شپ قائم ٿي پر ڊيون مارنرز 33  رنسون ٺاهي وڪيٽ وڃائي ويٺو. پاڪستان طرفان آغا سلمان 2 جڏهن ته ابرار احمد هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي. سيريز جي ٻئين ميچ ۾ زمبابوي جي ڪپتان ڪريگ ايروائن چيو ته ڪوشش هوندي ته انهي ميچ  ۾ ڪاميابي حاصل ڪري پاڪستان جي خلاف پهريون ڀيرو سيريز کٽيون، اهو اسان جي ڪرڪيٽ لاءِ تاريخي موقعو هوندو. انهي موقعي تي قومي ٽيم جي ڪپتان محمد رضوان ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. هن چيو ته ميچ ۾ فتح حاصل ڪري ڪاميابي يقيني بنائڻ جي ڪوشش ڪنداسين. هن چيو ته ٽيم ۾ 2 تبديليون ڪيون ويون آهن. اسپينر ابرار احمد ۽ طيب طاهر جو ڊيبيو ٿيندو جڏهن ته محمد حسنين ۽ حسيب الله کي ڊراپ ڪيو ويو آهي.

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو