وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو آهي ته سخت قدم نٿا کڻڻ چاهيون، اسان کي ريڊ لائن ڪراس ڪرڻ تي مجبور نه ڪيو وڃي. اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو ته پهريان کان ٻڌائي رهيا آهيون ته اسان کي سخت قدم کڻڻ تي مجبور نه ڪيو وڃي. هر ڀيري سمجهائي رهيا آهيون ته ريڊ لائن ڪراس ڪرڻ تي مجبور نه ڪريو. ڪجهه ڏينهن اڳ رينجرز جوان کي 26 نمبر چونگي تي گولي لڳي آهي انهي کي زخمي حالت ۾ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. گهرو وزير چيو ته جڏهن اوهان فائرنگ ڪريو ٿا ته انهي جو جواب فائرنگ سان ملندو آهي، اسان کي ريڊ لائين ڪراس ڪرڻ نه ڏيو چاهي قلم 144 لاڳو ڪرڻو هجي يا اسان کي انتهائي قدمن تائين وڃڻو پوي. اڳ ئي ٻڌائي رهيا آهيون ته نقصان ٿيو ته اسان ذميوار نه هونداسين. هن چيو ته هن وقت اسلام آباد ۾ پرڏيهي مهمان آيل آهن. اسان هنن کي چيو هو ته درخواست ڏئي سنگجاني هليا وڃو. ڊي چوڪ تي جنهن به جلسو ڪيو انهي کي ڪڏهن به اجازت ناهي ملي. هنن ٻه ڀيرا جيل ۾ وڃي ملاقاتون ڪيون جنهن کان پوءِ هنن کي اتان کان به اپررول ملي وئي آهي. وفاقي گهرو وزير چيو ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اسان کي هدايت ڏني هئي ته هنن سان ڳالهيون ڪري وٺو. چيف ڪمشنر به رابطو ڪيو آهي. اسان هنن کي سنگجاني ۾ جلسي جي اجازت ڏني آهي. بيرسٽر گوهر انهي لاءِ جيل ۾ وڃي 2 ڀيرا ملاقات ڪئي. رپورٽون آهن ته انهي کي اتان به منظوري ملي وئي آهي پر پي ٽي آءِ طرفان اڃان تائين حتمي جواب ناهي آيو.
