اسلام آباد ۾ پي ٽي آءِ جي مظاهرين خلاف آپريشن شروع ٿيڻ کان پوءِ فرار ٿيل ڪي پي ڪي جو وڏو وزير علي امين گنڊاپور ۽ پي ٽي آءِ باني جي گهر واري بشريٰ بي بي خيبرپختونخواهه پهچي ويا، جڏهن ته اسلام آباد ۾ پي ٽي آءِ جا ڪيترائي ڪارڪن گرفتار ڪيا ويا آهن.خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير جي خانداني ذريعن تصديق ڪندي چيو آهي ته علي امين گنڊاپور خيبرپختونخواهه پهچي چڪو آهي. ٻئي طرف بشريٰ بي بي جي به خيبرپختونخواهه پهچڻ جا غير لاڳاپيل اطلاع ملي رهيا آهن. ٻڌايو پيو وڃي ته علي امين ۽ بشريٰ بي بي ٻئي ڄڻا محفوظ آهن. هوڏانهن حڪومتي وزيرن جو چوڻ هو ته بشريٰ بي بي ۽ علي امين گنڊاپور هڪ ئي گاڏي ۾ فرار ٿي ويا هئا پر ڪيترائي مظاهرين گرفتار ٿي ويا آهن. جناح ايوينو، سيونٿ ايوينو مان مظاهرين گاڏيون ڇڏي فرار ٿي ويا آهن. ذريعن جو چوڻ آهي ته ريڊ زون سميت اسلام آباد جي سمورن علائقن مان مظاهرين غائب ٿي چڪا آهن، روڊن تي گاڏيون، ڪنٽينر ۽ ٻيون رنڊڪون هٽايون ويون آهن. پوليس ۽ سيڪيورٽي فورسز روڊن تي موجود آهن. ياد رهي ته علي امين گنڊاپور، بشريٰ بي بي بليو ايريا ۾ ڪلثوم پلازه جي ڀرسان گاڏين ۾ موجود هئا پي ٽي آءِ مظاهرين جو وڏو انگ گاڏين وٽ موجود هو. ذريعن موجب بليو ايريا ۾ آپريشن شروع ٿيندي ئي بشريٰ بي بي ۽ علي امين گنڊاپور ڊي چوڪ ايريا مان فرار ٿي ويا. سامهون ايندڙ اطلاعن موجب ٻئي ڄڻا ڊي چوڪ ايريا مان هڪ ئي گاڏي ۾ فرار ٿيا. ذريعن ٻڌايو آهي ته بشريٰ بي بي ۽ علي امين گنڊاپور ڪهڙي طرف ويا، حتمي طور تي ڪجهه نٿو چئي سگهجي پر اطلاع آهن ته ٻئي ڄڻا جناح ايوينو مان هڪ ئي گاڏي ۾ فرار ٿيا.پوليس ذريعن موجب پوليس علي امين گنڊاپور جي گارڊز جي گاڏي روڪڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي، جڏهن ته علي امين گنڊاپور ۽ بشريٰ بي بي جي گاڏي جو پيڇو ڪيو ويو