سپريم ڪورٽ جي آئيني بينچ پي ٽي آءِ احتجاج دوران فوتگين تي پاڻمرادو نوٽيس وٺڻ جي استدعا رد ڪري ڇڏي

 سپريم ڪورٽ جي آئيني بينچ پي ٽي آءِ احتجاج جي دوران ٿيل فوتگين جي معاملي تي پاڻمرادو نوٽيس وٺڻ جي استدعا کي رد ڪري ڇڏيو آهي. سپريم ڪورٽ ۾ موسمياتي تبديلي اٿارٽي بابت ڪيس جي ٻڌڻي دوران خيبرپختونخواهه حڪومت جي وڪيل طرفان زباني طور تي استدعا ڪئي وئي جنهن ۾ هن چيو ته گذريل ڏينهن ٻنهي طرفن کان فوتگيون ٿيون، آئيني بينچ پاڻمرادو نوٽيس وٺي سگهي ٿي. جنهن تي جسٽس مسرت بلالي چيو ته سپريم ڪورٽ ۾ پيش ٿي سياسي ڳالهيون نه ڪريون، جڏهن ته جسٽس جمال خان مندوخيل چيو ته اهو معاملو اسان جي سامهون نه آهي. انهي معاملي تي وڌيڪ نٿا ڳالهائڻ چاهيون. آئيني بينچ جي سربراهه جسٽس امين الدين خان ريمارڪس ڏنا ته جيڪو معاملو اسان جي سامهون ئي نه آهي انهي کي نٿا ڏسي سگهون جنهن کان پوءِ عدالت جي آئيني بينچ  ايڊيشنل ايڊووڪيٽ خيبرپختونخواهه جي پاڻمرادو نوٽيس وٺڻ جي زباني استدعا کي رد ڪري ڇڏيو. ياد رهي ته پي ٽي آءِ جي 24 نومبر کان شروع ٿيل احتجاج ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا 4 اهلڪار شهيد ٿي چڪا آهن. ٻئي طرف تحريڪ انصاف جي اڳواڻن طرفان پوليس سان چڪرين ۾ پارٽي ڪارڪنن جي فوت ٿيڻ بابت تڪراري بيان سامهون آيا آهن. پي ٽي آءِ اسيمبلي ميمبر شير افضل مروت طرفان احتجاج دوران 12 ڪارڪنن جي فوت ٿيڻ جو ٻڌايو جڏهن ته پي ٽي آءِ ترجمان طرفان 8 ڄڻن جي فوت ٿيڻ جي دعويٰ ڪئي وئي. پولي ڪلينڪ اسپتال جي اختيارين موجب پولي ڪلينڪ ۾ 2 لاش ۽ 26 زخمي آندا ويا. پولي ڪلينڪ ۾ آندل سمورن ماڻهن کي گوليون لڳل هيون جڏهن ته زخمين ۾ گهڻن جو تعلق  خيبرپختونخواهه جي مختلف علائقن مان آهي.