احتجاج سڀني جو حق آهي، ريڊ زون ۾ گڏ ٿيا ته ٻيهر آپريشن ڪيو ويندو: راڻا ثناءُالله

 وزيراعظم جي صلاحڪار راڻا ثناءُالله چيو آهي ته پُرامن احتجاج سڀني جو جمهوري حق آهي، ريڊ زون ۾ داخل ٿيا ته ٻيهر آپريشن ٿيندو، پوري ڪوشش ڪئي وئي ته آپريشن جي دوران ڪوبه جاني نقصان نه ٿئي، احتجاج جي دوران جيڪي ماڻهو شهيد ٿيا آهن انهن جي ڪيسز ۾ هي سمورا ماڻهو نامزد آهن. نجي چينل سان ڳالهيون ڪندي مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ راڻا ثناءُالله چيو ته پي ٽي آءِ کي چيو ويو هو ته سنگجاني ۾ احتجاج ڪريو، پر ان باوجود هي ماڻهو ريڊ زون ۾ احتجاج  لاءِ ضد تي هئا، هنن هٿيارن جو به استعمال ڪيو، هنن ماڻهن ملڪ ۾ انتشار پکيڙيو، سياسي معاملن کي سياسي طريقي سان گڏجي ويهي حل ڪريو. رينجرز اهلڪارن جي شهادت تي ڏک پهتو آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ راڻا ثناءُالله چيو ته  مون کي  خبر ناهي ته بشريٰ بي بي ۽ علي امين گنڊاپور ڪٿي آهن؟ پر اها خبر آهي ته علي امين گنڊاپور ۽ بشريٰ بي بي آپريشن جي دوران فرار ٿي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا هئا. وزيراعظم جي صلاحڪار وڌيڪ چيو ته پوري ڪوشش ڪئي وئي ته آپريشن جي دوران ڪوبه جاني نقصان نه ٿئي، 500 کان 550 تائين ماڻهو گرفتار ڪيا ويا آهن. احتجاج جي دوران جيڪي ماڻهو شهيد ٿيا آهن انهن جي ڪيسز ۾ هي سمورا ماڻهو نامزد ٿيندا. ملڪيتن کي نقصان پهچائڻ جا ڪيس به داخل ڪيا ويندا. هن چيو ته هي ٻيهر جمع ٿي سگهن ٿا، اسلام آباد انتظاميه هنن لاءِ ڪا جڳهه مقرر ڪندي. جيڪڏهن هي ٻيهر ريڊ زون ۾ گڏ ٿيا ته ٻيهر آپريشن ٿيندو، ريڊ زون کان ٻاهر ڪٿي به پنهنجو احتجاج رڪارڊ ڪرائي سگهن ٿا.  راڻا ثناءُالله چيو ته جنهن وقت آپريشن ڪيو ويو انهي وقت هنن جي تعداد گهٽ هئي، ڪوشش ڪئي وئي ته اهڙي وقت آپريشن ڪيو وڃي جنهن وقت تعداد گهٽ هجي. ڏينهن جي وقت آپريشن ۾ وڌيڪ جاني نقصان ٿي سگهيو ٿي. وزيراعظم جي صلاحڪار وڌيڪ ٻڌايو ته 15 کان 20 هزار ماڻهو ڪي پي ڪي مان آيا هئا، انهن ۾ افغان شهري موجود هئا، هي سمورا ماڻهو هٿياربند هئا، انهن  ڦر جون ڪارروايون به ڪيون هيون جيڪي پرتشدد واقعا ٿيا آهن انهن ۾ هنن جا ماڻهو ئي ملوث آهن.