عمران خان، بشريٰ بي بي ۽ گنڊاپور سميت 75 پي ٽي آءِ اڳواڻن خلاف دهشتگردي جي قلمن تحت ڪيس داخل

 پي ٽي آءِ باني عمران خان، ان جي گهر واري بشريٰ بي بي، اڳوڻي صدر عارف علوي، ڪي پي ڪي جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور ۽ عمر ايوب سميت ڪيترن ئي پي ٽي آءِ اڳواڻن جي خلاف دهشتگردي جي قلمن تحت ڪيس داخل ڪيو ويو. پي ٽي آءِ اڳواڻن جي خلاف راولپنڊي جي نصيرآباد ٿاڻي ۾  ڪيس داخل ڪيو ويو آهي جنهن ۾ عليمه خان، حماد اظهر، اسد قيصر، شهريار رياض سميت 75 پي ٽي آءِ اڳواڻن کي به نامزد ڪيو ويو آهي. ڪيس جي متن ۾ چيو ويو آهي ته عمران خان 22 نومبر تي اڊيالا جيل ۾ پارٽي اڳواڻن سان ملاقات ۾ اسلام آباد ۾ چڙهائي لاءِ زور ڀريو جڏهن ته بشريٰ بي بي سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان سان ڪارڪنن کي اشتعال ڏياريو. ڪيس ۾ چيو ويو آهي ته جوابدارن سازش جي تحت روڊ بلاڪ ڪري عوام جو رستو روڪيو، جوابدارن پوليس آفيسرن تي ڏنڊن، غليل، بلورن ۽ پٿرن سان حملو ڪيو. راولپنڊي ۾ داخل ڪيل ڪيس ۾ دهشتگردي سميت گڏيل طور تي 16 قلم شامل ڪيا ويا آهن.