9 مئي ڪيسز ۾ عمران خان ڏوهاري قرار، ضمانتون رد ڪرڻ جو فيصلو جاري

دهشتگردي جي انت واري عدالت 9 مئي بابت ڪيسز ۾ عمران خان کي ڏوهاري قرار ڏيندي ان جون ضمانتون رد ڪرڻ جو فيصلو جاري ڪري ڇڏيو آهي. پي ٽي آءِ باني عمران خان جي 9 مئي جي 8 ڪيسز ۾ ضمانتون رد ڪرڻ جو لکت ۾ فيصلو لاهور جي دهشتگردي جي انت واري عدالت جاري ڪري ڇڏيو. اي ٽي سي جج منظر علي گل  6 صفحن تي ٻڌل لکت ۾ فيصلو جاري ڪيو. عدالت جي لکت واري فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته زمان پارڪ ۾ تيار ڪيل سازش جي گواهن جا بيان به رڪارڊ تي موجود آهن. پراسيڪيوشن وٽ پي ٽي آءِ باني جي اشتعال انگيزي جي هدايتن جون آڊيو ۽ ٻيا ثبوت پڻ موجود آهن. فيصلي موجب پي ٽي آءِ باني تي الزام آهي ته هن پنهنجي امڪاني گرفتاري جي حوالي سان هڪ سازش ڪئي. الزام موجب سازش تيار ڪئي وئي ته گرفتاري جي صورت ۾ ٻئي قيادت رياستي مشينري کي جام ڪري ڇڏيندي. پي ٽي آءِ باني جي وڪيل دليل ڏنا ته واقعي وقت پي ٽي آءِ باني گرفتار هو. پراسيڪيوشن چيو ته پي ٽي آءِ باني گرفتاري کان اڳ سازش ڪئي. دهشتگردي جي انت واري عدالت جي فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته پي ٽي آءِ باني جي وڪيل جي دليلن ۾ وزن نه آهي ته پي ٽي آءِ جو باني واقعي وقت گرفتار هو. پي ٽي آءِ باني جي وڪيل دليل ڏنا ته پي ٽي آءِ باني جون مختلف ڪيسز ضمانت کان پوءِ گرفتاريون ٿي چڪيون آهن ڪيس جو فيصلو هن ڪيس جي پنهنجي ميرٽ تي ٿيڻ گهرجي. فيصلي موجب موجوده ڪيس سازش يا اشتعال انگيزي تي ڀڙڪائڻ جو ڪو معمولي ڪيس نه آهي. پراسيڪيوشن جو ڪيس آهي ته پي ٽي آءِ باني ملٽري ٺڪاڻن تي حملن جي هدايت ڪئي ۽ سازش تيار ڪئي. پي ٽي آءِ باني جي هدايت تي نه صرف اڳواڻن پر انهن جي ڪارڪنن ۽  حمايتين به سختي سان عمل ڪيو. لکت واري فيصلي موجب لاهور هاءِ ڪورٽ اعجاز چوڌري جي ضمانت جي فيصلي ۾ سازش جي حوالي سان پي ٽي آءِ باني جي ڪردار تي بحث ڪئي آهي. پي ٽي آءِ باني جي وڪيل اعتراض اٿاريو ته مبينه سازش جي ڪابه تاريخ، وقت ۽ جڳهه ناهي رکيو ويو. پراسيڪيوشن موجب زمان پارڪ ۾ 7 مئي ۽ 9 مئي تي هن سازش کي تيار ڪيو ويو. عدالت لکت واري فيصلي ۾ لکيو ته پراسيڪيوشن موجب  ڳجهي پوليس اهلڪارن پاڻ کي پي ٽي آءِ ڪارڪن ظاهر ڪندي انهي سازش کي ٻڌو هو. دهشتگردي جي انت واري عدالت پي ٽي آءِ باني کي ڏوهاري قرار ڏئي ٿي پي ٽي آءِ باني ڪو معمولي ماڻهو نه آهي، سندس هدايتن ۽ بيانن جي سندس حامين وٽ وڏي قدر آهي. عدالت فيصلي ۾ چيو ته پي ٽي آءِ جي ٻئي قيادت پي ٽي آءِ باني جي هدايت کي رد ڪرڻ جو سوچيو به نه. پوليس موجب 11 مئي تي پوليس اهلڪارن تي تشدد سميت اهڙا تمام گهڻا واقعا ٿيا. سمورن واقعن ۾ ملٽري ٺڪاڻن، سرڪاري ادارن ۽ پوليس اهلڪارن تي حملا ڪيا ويا. جنهن جي بنياد تي پي ٽي آءِ باني جون ضمانتون رد ڪيون وڃن ٿيون.