پاڪستان ۾ ووٽرز جو گڏيل انگ 13 ڪروڙ 22 لک 54 هزار 310 ٿي ويو آهي. اليڪشن ڪميشن طرفان جاري ڪيل انگن اکرن موجب پاڪستان ۾ ووٽرز جو انگ 7 ڪروڙ 10 لک 76 هزار 830، عورت ووٽرز جو انگ 6 ڪروڙ 11 لک 77 هزار 400 آهي. ملڪ ۾ مرد ووٽرز جي شرح 53.74 سيڪڙو ۽ عورتن جو 46.26 سيڪڙو آهي. اليڪشن ڪميشن موجب پنجاب ووٽرز جو گڏيل انگ 7 ڪروڙ 53 لک 753 آهي جنهن ۾ مرد ووٽرز جو انگ 4 ڪروڙ 12 لک 4 هزار 360، عورت ووٽرز جو انگ 3 ڪروڙ 51 لک 76 هزار 393 آهي. سنڌ ۾ ووٽرز جو گڏيل انگ 2 ڪروڙ 77 لک 36 هزار 44 آهي. جنهن ۾ مرد ووٽرز جو انگ 1 ڪروڙ 49 لک 90 هزار 198. عورت ووٽرز جو انگ 1 ڪروڙ 27 لک 46 هزار 216 آهي. اليڪشن ڪميشن موجب خيبرپختونخواهه ۾ ووٽرز جو گڏيل انگ 2 ڪروڙ 25 لک 36 هزار 455 آهي، جنهن ۾ مرد ووٽرز جي انگ 1 ڪروڙ 22 لک 60 هزار 691 آهي، عورت ووٽرز جو انگ 1 ڪروڙ 27 لک 5 هزار 764 آهي. بلوچستان ۾ ووٽرز جو گڏيل انگ 55 لک 26 هزار 217 آهي جنهن ۾ مرد ووٽرز جو انگ 30 لک 96 هزار 550 ۽ عورت ووٽرز جو انگ 24 لک 29 هزار 667 آهي. انهي کان علاوه اسلام آباد ۾ ووٽرز جو انگ 11 لک 54 هزار 471 آهي، جنهن ۾ مرد ووٽرز جو انگ 6 لک 5 هزار 31، عورت ووٽرز جو انگ 5 لک 49 هزار 440 آهي.