اڳوڻي وفاقي وزير سينيٽر فيصل واوڊا چيو آهي ته بشريٰ بي بي جڏهن عمران خان جي زندگي ۾ آئي انهي کان پوءِ هو گهڙي چور، مارڪٽ تي يقين ڪندڙ ۽ ادارن جي خلاف ٿي ويو. نجي چينل سان ڳالهيون ڪندي فيصل واوڊا چيو ته 7 عورتن جو هڪ گروپ آهي جيڪو عمران خان جي لاش تي 50 سالن تائين سياست ڪرڻ چاهي ٿو. هن چيو ته جيڪا مرشد آهي اها ئي پي ٽي آءِ باني جي تباهي جي ذميوار ۽ ضامن آهي. فيصل واوڊا وڌيڪ چيو ته جيڪي ماڻهو ڊيل جي تحت ٻاهر آيا آهن اهي ڊيل تحت ٻاهر ويا ته ٻيهر گرفتار به ٿي ويندا. ڌرڻي مان پهريان بشريٰ بي بي ۽ گنڊاپور فرار ٿيا. بشريٰ بي بي حياتي قربان ڪرڻ لاءِ تيار هئي پر جيڪي فوٽيج سامهون آيا آهن انهي ۾ هو پنهنجي رضا خوشي سان گاڏي ۾ ويهي رهي آهي. سينيٽر فيصل واوڊا چيو ته جيڪڏهن گهر واري پاڻ وڃي پي ٽي آءِ باني کي پڙهيل پاڻي پياري ڇڏي يا دهي کارائي ڇڏي ته انهي جي رياست ذميوار نه هوندي هاڻ جيڪڏهن عمران خان کي بچائڻو آهي ته اهوئي رستو آهي ته ان جي بشريٰ بي بي سان ملاقات نه ڪرائي وڃي. هن چيو ته بشريٰ بي بي جڏهن کان عمران خان جي زندگي ۾ آئي انهي کان پوءِ هو گهڙي چور، مارڪيٽ تي يقين رکندڙ ۽ ادارن جي خلاف ٿي ويو. ياد رهي ته انهي کان اڳ به پنهنجي بيان ۾ فيصل واوڊا دعويٰ ڪئي هئي ته پي ٽي آءِ تي پابندي لڳڻ واري آهي، جلد ئي پي ٽي آءِ مان مخلص ماڻهن جي پي ٽي آءِ پاڪستان بڻجي ويندي.