پي ٽي آءِ تي پابندي تاريخي غلطي هوندي، منهنجي عمران خان سان ملاقات ڪرائي وڃي: شاهه محمود قريشي

جيل ۾ قيد پاڪستان تحريڪ انصاف جي وائيس چيئرمين شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پي ٽي آءِ تي پابندي سياسي ۽ تاريخي غلطي هوندي. صحافين سان ڳالهيون ڪندي شاهه محمود قريشي چيو ته مون کي پارٽي جي باني عمران خان  سان ملاقات ڪرڻ جو موقعو ڏنو وڃي ته جيئن قومي مفاهمت ۽ اتفاق راءِ جي حوالي سان پنهنجو موقف پيش ڪري سگهان. پي ٽي آءِ اڳواڻ خبردار ڪيو ته پي ٽي آءِ کي چيڀاٽڻ پاڪستان جي مفاد ۾ نه هوندو. پارٽي تي پابندي لڳائڻ ۽ خيبرپختونخواهه ۾ گورنر راج لاڳو ڪرڻ جو مبينه منصوبو بيوقوفاڻو قدم آهي. هن چيو ته خيبرپختونخواهه ۾ گورنر راج لاڳو ڪرڻ تي غور ڪرڻ عوام جي مينڊيٽ جي توهين هوندي.