پنجاب جي اطلاعات واري وزير عظميٰ بخاري چيو آهي ته پي ٽي آءِ باني عمران خان ۽ ان جي پارٽي ختم ڪرڻ لاءِ بشريٰ بي بي ڪافي آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ عظميٰ بخاري چيو ته پي ٽي آءِ ڪارڪنن جا ڏوهاري علي امين ۽ بشريٰ بي بي آهن، پي ٽي آءِ جي موجوده قيادت بزدلي جي آخري درجي تي مقرر آهي، علي امين ۽ بشريٰ بي بي جي گاڏين تي انهن ئي ڪارڪنن ڏنڊا وسايا. هن چيو ته عمران خان ۽ انهي جي پارٽي کي ختم ڪرڻ ڪرڻ لاءِ بشريٰ بي بي ڪافي آهي، جٿن کي وفاق تي چڙهائي ڪرڻ سان اين آر او نه ملندو. صوبائي وزير وڌيڪ چيو ته پنهنجي ذلت ۽ بدنامي کي فيڪ نيوز ۽ افواهن جي پٺيان لڪائي رهيا آهن. تحريڪ انصاف جي هي آخري ناڪام بغاوت هئي، هاڻ انتشاري ٽولو ٻيهر اسلام آباد جو رخ ڪرڻ جي غلطي ٻيهر نه ورجائيندو.