خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور چيو آهي ته صوبي جون حالتون غلط پاليسي جي ڪري خراب آهن. صوبي ۾ امن جي قيام لاءِ سيڪيورٽي فورسز ۽ عوام وڏيون قربانيون ڏنيون آهن. علي امين گنڊاپور اقراءَ نيشنل يونيورسٽي جي ڪانووڪيشن کي خطاب ڪندي يونيورسٽي لاءِ 3 ڪروڙ روپيه گرانٽ جو اعلان ڪيو. وڏي وزير چيو ته خوشي ٿي ته يونيورسٽي پرائيويٽ سيڪٽر ۾ تعليم کي هٿي ڏيڻ لاءِ ڪم ڪري رهي آهي، حڪومت ڪڏهن به عوام ۽ نجي شعبي جي تعاون کان سواءِ ترقي نٿي ڪري سگهي، مسئلن جي حل لاءِ ملي ڪردار ادا ڪرڻ تي پرائيويٽ سيڪٽر کي سپورٽ ڪنداسين. هن چيو ته نوجوان اسان جو اثاثو آهن انهن تي انويسٽ ڪرڻ چاهيون ٿا، اسان جي صوبي جون حالتون غلط پاليسي سبب خراب آهن قوبي ۾ امن جي قيام لاءِ فورسز ۽ عوام قربانيون ڏنيون آهن. علي امين گنڊاپور چيو ته شاگردن کي والدين ۽ پنهنجي استادن جو احترام ڪرڻ گهرجي. شاگردن کي سکڻو پوندو ته زندگي ۾ مقابلو ڪرڻو آهي، اسان هار ناهي مڃي. پريشاني ناهي ٿيڻ عزت الله جي هٿ ۾ آهي، مقابلو ڪرڻ سکو، اوهان کي ڪوبه شڪست نٿو ڏئي سگهي، مون کي جهيڙو ڪرڻ تي لاهور گورنمنٽ ڪاليج مان ڪڍيو ويو هو. ايف آءِ آر به ڊگري هوندي آهي، مون تي 256 ايف آءِ آر داخل ڪيون ويون آهن. هن وڌيڪ چيو ته پوري دنيا ۾ اسان جي ماڻهن پنهنجو پاڻ کي مڃرايو آهي. جيڪو انسان ڪنهن ٻئي جي ڪاميابي تي خوش ٿيندو آهي اهو ڪامياب ترين انسان آهي. حڪومت نجي سيڪٽر جي تعاون کان سواءِ اڳيان نٿي وڌي سگهي ۽ تعليم کان سواءِ ڪوبه معاشرو ترقي نٿو ڪري سگهي ڊگري انسان کي نه ٺاهيندي آهي پر محنت ٺاهيندي آهي. هن چيو ته افغان بارڊر تي اهي قدم نه کنيا ويا جيڪي کڻڻ گهرجن ها ۽ غلط پاليسين سبب خيبرپختونخواهه جون حالتون خراب آهن افغانستان سان پاڪستان جو ڊگهو بارڊر آهي. علي امين چيو ته سيڪيورٽي فورسز ملڪ جي لاءِ جانين جو نذرانو پيش ڪيو پر دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ عوام به قربانيون ڏنيون. سيڪيورٽي فورسز کي امن جي لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ تي سلام پيش ڪريون ٿا.