پنجاب جي اطلاعات واري وزير عظميٰ بخاري چيو آهي ته پي ٽي آءِ باني عمران خان ۽ بشريٰ بي بي جي ناڪام بغاوت جا سمورا ثبوت سامهون اچي ويا آهن. پنهنجي هڪ بيان ۾ عظميٰ بخاري چيو ته آءِ جي اسلام آباد، گهرو سيڪريٽري ۽ ڊي پي او اٽڪ جي پريس ڪانفرنس ۾ نه مٽائڻ جوڳيون شاهديون موجود آهن، پي ٽي آءِ باني ۽ بشريٰ بي بي جي 26 نومبر جي ناڪام بغاوت جا سمورا ثبوت سامهون اچي ويا آهن، سيڪيورٽي فورسز تي حملن لاءِ پرڏيهين کي احتجاج ۾ آندو ويو. هن چيو ته احتجاج ۾ شريڪ ماڻهو تربيت يافته ۽ تخريبڪاري جا ماهر هئا، گرفتار ماڻهن جي اڪثريت جو پاڪستان ۾ ڪوبه رڪارڊ نه آهي، ڪي پي ڪي حڪومت وٽ دهشتگردن سان وڙهڻ جي لاءِ هٿيار نه آهن پر فيڊريشن تي چڙهائي لاءِ جديد هٿيار آهن. هن چيو ته لاشن تي سياست ڪندڙ هينئر تائين پنهنجن ڪيترن ئي بيانن تان ڦري ويا آهن. صوبائي وزير وڌيڪ چيو ته فتنه پارٽي جو سوشل ميڊيا ئي انهي لاءِ مٿي جو سور بڻجي چڪو آهي، هاڻ وقت اچي ويو آهي ته پاڪستان ۾ سوشل ميڊيا کي هر سطح تي ريگولرائيز ڪيو وڃي، جنهن کي انقلاب آڻڻو هو اهي هاڻ هڪ ٻئي مٿان ٽائوٽ ۽ جاسوس جا الزام لڳائي رهيا آهن.