پاڪستان تحريڪ انصاف جي پارٽي قيادت عمران خان جي گهر واري بشريٰ بي بي جي ڀيڻ مريم رياض وٽو ۽ ان جي ترجمان مشعال يوسفزئي جي بيانن تي خدشن جو اظهار ڪري ڇڏيو آهي. نجي چينل سان ڳالهيون ڪندي پي ٽي آءِ اڳواڻ شير افضل مروت چيو ته بشريٰ بي بي جي ڀيڻ ۽ ترجمان طرفان جيڪي بيان اچي رهيا آهن. انهي تي پارٽي قيادت کي خدشا آهن. پي ٽي آءِ جي ڪجهه ماڻهن جا تعلقات ايجنسين جي اڳوڻن آفيسرن سان ملن ٿا جيڪي پارٽي ۾ ورهاست پيدا ڪري رهيا آهن، جيڪا زبان استعمال ٿي رهي آهي انهي سان قيادت ۾ تمام گهڻي مايوسي ۽ بي وسي پکڙجي رهي آهي. الزام، طعنا، ڏوراپا ماڻهن جا حوصلا ختم ڪري رهيا آهن. هن چيو ته اهڙن بيانن تي پي ٽي آءِ باني کي مداخلت ڪرڻ گهرجي ۽ اهڙين شين کي روڪڻ گهرجي. قاسم سوري جيڪي ڳالهيون ڪيون انهن ڳالهين جو هي وقت نه آهي. شير افضل مروت چيو ته اسان کي ڊيڄارڻ جي بجاءِ فوري طور تي پوري ملڪ ۾ احتجاج جو سڏ ڏيڻ گهرجي ها ۽ ٻيهر اسلام آباد وڃڻ گهرجي ها. ياد رهي ته اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي گهر واري بشريٰ بي بي جي ترجمان مشعال يوسفزئي ۽ اڳوڻي خاتون اول جي ڀيڻ مريم رياض وٽو دعويٰ ڪئي آهي ته عمران خان کي پنهنجي پارٽي جي ڪمپرومائزڊ اڳواڻن کان وڌيڪ بشريٰ بي بي تي ڀروسو آهي.